احمد خان پتافي
احمد علي خان پتافي، سردار: مشھور سياستدان سردار خان پتافي'>احمد علي خان پتافي، ولد سردار فتح علي خان پتافيءَ جو جنم 30 مئي 1942ع تي، ڳوٺ گلو پتافي، تعلقي ميرپورماٿيلي ۾ ٿيو. سندس والد مشھور زميندار ۽ پنھنجي قبيلي جو سردار هو. سردار احمد علي خان، سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1988ع، 1993ع ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. والد جي وفات کان پوءِ قبيلي جو سردار ٿيو ۽ 5 جنوري 2018ع تي جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ديري احمد خان پتافي (ڪينجهر پتافي) ۾ آهي. سندس فرزند عبدالباري پتافي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير آهي، جڏهن ته سندس وڏو فرزند عبدالقيوم پتافي هن وقت قبيلي جو سردار آهي.
1942.05.30 عيسوي
سردار احمد علي خان پتافي ، زميندار ۽ پنهنجي قبيلي جو سردار آهي . هو سردار فتح علي خان جي گهر 30 مئي 1942ع تي ڳوٺ گلو پتافيءَ ۾ ڄائو .